شهرالله قريشي بڪيرائي

شهرالله قريشي، بڪيرائي: پير شهرالله قريشي بڪيرائي حضرت شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جي اولاد مان هو ۽ سنڌ ۾ اچي پير فاضل شاهه وٽ بڪيرا شريف ۾ رهيو. پهرين پير فاضل شاهه ۽ پوءِ پير شهرالله ٻئي سنڌ ۾ ڏهين صدي هجري/ سورهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ اچي بڪيرا شهر ۾ آباد ٿيا هئا.
بزرگن جي اولاد ۽ نيڪ سيرت انسان هئڻ سبب پير فاضل شاهه کيس پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ ڏئي پرڻايو. پير فاضل شاهه جي وفات کانپوءِ سندس وصيت موجب درگاهه بڪيرا شريف جو گادي نشين ٿيو ۽ ٿوري ئي عرصي ۾ هن وڏي مقام واري بزرگ پنهنجين ڪرامتن سان شهرت حاصل ڪئي ۽ آمريءَ وارو وڻ ساڳي نموني پنهنجي سلسلي جي خادمن جي حوالي رکندو آيو. هن بزرگ کي شاهه سراج الدين ۽ شاهه قائم الدين نالي ٻه فرزند ٿيا. سندس وفات کانپوءِ سندس فرزند قائم الدين گاديءَ تي ويٺو، جيڪو لاولد فوت ٿي ويو. ان کانپوءِ سندس ٻيو فرزند سراج الدين گاديءَ تي ويٺو.
تحفة الڪرام’ ۽ ‘تذڪره مشاهير سنڌ’ ۾ ڄاڻايل آهي ته، “پير شهرالله بڪيرائيءَ جي پٽ پير سراج الدين جو صوفي شاهه عنايت شهيد جي شهادت ۾ پڻ وڏو هٿ هو. پير سراج الدين ان زماني ۾ دهليءَ ۾ هو ۽ هن ئي بادشاهه فرخ سير کي صوفي شاهه عنايت جي خلاف ڀڙڪايو هو.”


لفظ شهرالله قريشي بڪيرائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو